لاهور – 16 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۾ مبتلا ماڻ??ن جي عل??ج لا??ِ جديد کوجنا ۽ طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نفسياتي مرضن ۽ مسئلن جو شڪار ماڻ??ن جي عل??ج ۾ نفسياتي ماهرن جي محبت واري رويي سان گڏوگڏ مريض جي مائٽن ۽ دوستن جو تعاون پڻ اهميت رکندڙ هوندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ پاڪستان سائيڪاٽرسٽ سوسائٽي جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ 22 هين عالمي ??ان??رنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ذهني ۽ نفسياتي مرضن جي حوالي سان عجيب قسم جا منفي تصور موجود آ??ن جن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي ڇو ته انهن بيمارين ۽ مسئلن جو موثر عل??ج موجود هوندو آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ