اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت مي??يا صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، مي??يا صنعت جي ترقي ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ سم??را ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز سان اي پي اين ايس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن وڊيو لنڪ تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل سرمد علي، شهاب زبيري، مجيب الرحمان شامي، قاضي اسد عابد، نجم الدين شيخ، مشتاق احمد، فوزيه شاهين، محسن بلال، فيصل زاهد ملڪ، سيد هارون شاهه، نويد چوڌري، ممتاز اي طاهر ۽ ٻين ميمبرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اشتهار جي رهتن جي ادائگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي، ان مد ۾ 74 ڪروڙ رپيا ادا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي اشتهارن جي مد ۾ اٽڪل 45 ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان جا منفي اثر اسان جي مع??شت تي به پيا، اسان سڀني کي گڏجي انهن مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته مي??يا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، مي??يا نه رڳو عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري ٿي پر ان شعبي سان هزارين خاندانن جو روزگار پڻ واڳيل آ??ي.
وزيراعظم جي هدايت تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون