پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن ??اءِ مددگار ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آ??ي ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، پيشيوراڻي تربيت ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. خصوصي ماڻهن جي حق ا??ڪٽ 2020ع سان کين قومي ??رقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو گورنر هائوس پشاور ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر، صحت واري عالمي ??داري جي نمائندن ۽ خصوصي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ پاڪستان ۾ معذوري جي اڀرندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو گهٽ لاڳت وارو موثر پيڪيج تيار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آ??ي. صدر چيو ته معذور ماڻهن جي بحالي ۽ موذي مرضن کان بچاءُ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آهي، هن چيو ته خصوصي ماڻهن ??اءِ مددگار ٽيڪنالاجي عالمي، علائقائي ۽ رياستي سطح تي مقبول ٿي رهي آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن کي ٽيڪينڪل، ووڪيشنل ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، صدر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن خ??وصي ماڻهن ??اءِ 2000 روپيا ماهوار وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آ??ي، خصوصي ماڻهن جي حق ا??ڪٽ 2020ع سان خ??وصي ماڻهن کي قومي ??رقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں