اسلام آباد_21 سيپٽمبر (اي پي پي)چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ يونان جي سفير آندرياس پاپا ستاورو هتي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن خاص طور تي افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ مختلف شع??ن ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پ??عزم آهي،آرمي چيف چيو ته اسان گڏيل مفاد وارن سمورن شع??ن ۾ صحت مند ٻه طرفا مٽاسٽا جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا، يونان جي سفير مربوط قومي ردعمل ذريعي ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطي لاءِ پ??ڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي،هن افغان صورتحال،ڪامياب آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن لاءِ پڻ پاڪستان جي تعريف ڪئي.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا