اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن (BMGF)جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي ٽيليفون ڪئي ۽ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ پاڪستان ۾ غذايت ۽ مالي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ فائونڊيشن جي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
و??ير??عظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم بل گيٽس کي پوليو جي خاتم?? لاءِ پاڪستان جي مسلسل اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪيو ۽ بي ايم جي ايف پاران فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ هن سال وائلڊ پوليو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ وائلڊ پوليو وائرس جا مثبت ماحولياتي نمونا ڪافي حد تائين گهٽ ٿيا آهن، و??ير??عظم چيو ته مثبت اڳڀرائي جي باوجود مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به ڪم جاري آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي پوليو جي خاتم?? لاءِ پرعزم آهي. بل گيٽس و??ير??عظم جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ پوليو پر??گرام کي جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ٻار کي پوليو وائرس جو خطرو نه ٿئي.
بل گيٽس و??ير??عظم جي قيادت ۾ آگسٽ ۾ پوليو جي وڌيڪ خطرن وارن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن سان گهرايل اجلاس جي ڏس ۾ مثبت ڪوششن ۽ ان جي اثرن کي ساراهيو. و??ير??عظم ۽ بل گيٽس افغانستان ۾ صحت جي نظام جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو پاڪستان سان پوليو جو شڪار دنيا جو ٻيو ملڪ آهي، هن ان بيماري جي خاتم?? لاءِ افغانستان ۾ پوليو جي مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ پوليو جي خاتم?? لاءِ پاڪستان جي تازي ڪاميابي جي حفاظت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
و??ير??عظم چيو ته افغانستان جي اڌ کا?? وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کا?? هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان کي مالي مدد جي ضرورت آهي. هن بل گيٽس کي درخواست ڪئي ته هو افغان عوام کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ تي غور ڪري، بل گيٽس و??ير??عظم کي پاڪستان ۾ ڪووڊ – 19 ويڪسين جي تياري ۾ مبارڪباد ڏني ۽ فائونڊيشن پاران احساس پر??گرام سميت حڪومت جي انتظام هيٺ پر??گرامن جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪيو جيڪو غربت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارانداز جي ڪري قومي بچت پر??گرام جي ڊجيٽلائيزشن لاءِ شاندار اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. بل گيٽ پاڪستانين جي صحت ۽ ڀلائ?? لاءِ گيٽ فائونڊيشن جي ذريعي مسلسل تعاون جي آڇ ڪئي، و??ير??عظم بل گيٽ جو پاڪستان سان فائونڊيشن جي قابل قدر سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو.