دبئي – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ هو جتي ??ڏا سئنيما گهر موجود هئا جڏهن ته فلم سازي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ هو، ماضي ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري مناسب ڌيان نه ملڻ جي ڪري زوال جو شڪار ٿي، اسان فلم انڊسٽري کي بحال ڪيو، سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي، فلم انڊسٽري تي ??يڪسن جو خاتمو ڪيو، دب??ي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دب??ي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني فلم?? جي نمائش جي شروعات ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت سئنيما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت انهن تي ??اڳو ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي. هن چيو ته هن وقت سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ پڻ قدم کنيا، فلم انڊسٽري تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ??يڪسز هنيا، غيرملڪي ڊرامن تي ??يڪس هڻڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جا پنهنجا ماڻهو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت سياحتي جايون موجود آهن جتي ??لم سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته دب??ي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي، هتي ??يش ڪيون ويندڙ پاڪستاني فلمون عالمي ڏسندڙ?? جي لاءِ آهن. واضح رهي ته ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلم?? جي ??سڪ??يننگ سان پنهنجي سئنيما کي فروغ ڏئي رهيو آهي. 26 فيبروري تائين هر جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن مجموعي طور تي 11 پاڪستاني فلمون پاڪستان پويلين ۾ پيش ڪيون وينديون. افتتاحي تقريب جي پهرين ڏينهن ”طيفا ان ٽربل“ جي ??سڪ??يننگ ڪئي وئي. فلم ??سڪ??يننگ جي لاءِ اداڪار علي ظفر ۽ اداڪاره حريم پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فيٿو ڪاٽي پاڪستان پويلين ۾ فلم?? جي نمائش جي شروعات ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں