اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون ت??ظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي سلسلي ۾ اسلامي ميمبر ملڪن جا وفد اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آيو آهي جڏهن ت?? اسلامي تعاون ت??ظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ به سومر جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي بين مذاهب ۽ هم آهنگي ۽ وچ اوڀر بابت خاص نمائندي حافظ مح??ود طاهر اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلامي تعاون ت??ظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ چيو ته پاڪستان جو عالم اسلام ۾ ا??لي?? مقام آهي، پاڪستان ۾ ڪجهه مهينن ۾ ٻه ڀيرا عالم اسلام جي پرڏيهي وزيرن جو اچڻ پاڪستان جي مقام کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس عالم اسلام جي مسئلن، مس??مان امت جي صورتحال ۽ عالمي دنيا جي حالتن ت?? اهم فيصلا ڪندو. مصر جو پرڏيهي وزير سامع شڪري چيو ته پاڪستان ۽ مصر ٻه ڀائر ملڪ آهن، پاڪستان مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ انتهاپسندي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ مس??مان امت جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ پاڪستان، مصر گڏجي ڪم ڪندا. پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي خاص نماندي حافظ طاهر مح??ود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون ت??ظيم جو اجلاس پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي معزز مهمانن کي خوش آمديد چئي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد کان مظلوم ڪشميرين، فلسطينن جي ڳالهه ٿيندي ۽ امت جي مسئلن لاءِ عملي لائحه عمل ملندو، هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ طاهر مح??ود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون ت??ظيم جا مهمان مخالف ڌر جا ميمبر هوندا، انهن پاران مثبت رويو سامهون آيو آهي، مخالف ڌر اسلامي تعاون ت??ظيم جي حوالي سان جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي اهو درست رخ ۾ قدم آهي.
اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي سلسلي ۾ وفدن جي آمد جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی