اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني، عوامي اهميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پ??رليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. ق??مي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ٽيليفونڪ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ دوران ڪيو. ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عيد جي خوشين ۾ اسان کي مستحق ماڻهن جو خاص خيال رکڻ گهرجي. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته الله تعاليٰ اسان کي موقعو ڏنو آهي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پارليامينٽ جو و??ار بلند ڪرڻو آهي، اڳوڻن حڪمرانن آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني. ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي اهميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پ??رليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عوام جو پارليامينٽ تي اعتماد بحال ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.
اڳوڻي حڪومت آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني: اسپيڪر/ ڊپٽي اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن