اسلام ??باد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جو اجلاس اسلام ??باد ۾ ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پونڇ ۽ ڊوڊا جي شهيدن کي زبردست خراج عق??دت پيش ڪيو ويو. ڪشمير ميديا سروس موجب ڀ??رتي فوجين 2 آگسٽ 1998ع تي پونڇ جي علائقي سيالان ۾ هڪ ئي خ??ندان جي 19 ماڻهن کي رات جي اونداهي ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو. ڀارتي فوج جي 9 راشٽريا رائفلز ۽ ڳجهي ايجنسي ”را“ جي اهلڪارن گڏجي هڪ ئي خ??ندان جي 19 بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو جن کي اڄ تائين انصاف نه مليو. ان خاندان جو ڏوهه اهو هو ته انهن جو پٽ هڪ حريت پسند هو. انهي هفتي 25 جولاءِ تي ڊوڊا ضلعي جي علائقي ڪوٽال ۾ هڪ ئي خ??ندان جي 5 ماڻهن کي اڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو جن ۾ ٽي عورتون هڪ مرد ۽ هڪ ٻار شامل هو.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ