رياض -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت آفيشل اڪائونٽ ذريعي ضيوف الرحمان جي استقبال ۾ هڪ سينيما فلم جو آغاز ڪري ورتو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق اها فلم حج جا رڪن ادا ڪرڻ جي تياري جي م??قعي تي پيش ڪئي ويندي. حج ۽ عمري بابت وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن بعد سڄي دنيا مان لکين مسلمان ان عظيم تلبيه جو ورد ڪندا سعودي عرب اتان جي حڪومت ۽ عوام حاجين جي م??زباني لاءِ تياري ڪري ورتي آهي. ان موقعي تي هن خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عهد شه??اده محمد بن سلمان جا ٿورا به مڃيا جن جي خاص هدايتن تحت حاجين جي م??زباني بابت تيارين جون ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته اسان 160 ملڪن مان 20 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن جي م??زباني جي تياري ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ 9 اسٽيشون ۽ 17 ريل گ??ڏيون به ان خدمت ۾ شامل هونديون جڏهن ته 24 هزار بسون به ان خدمت جي ٻيڙي ۾ شامل آهن. منيٰ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو خيما شه?? ٺا??يو ويو آهي ان خيما وسندي جي ايراضي 21 لک 92 هزار چورس ميٽر آهي.
سعودي دنيا کان ايندڙ 20 لک حج پانڌيئڙن جي ميزباني جي تياري ڪري ورتي آهي: سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ