سان فرانسسڪو-26 آڪٽوبر(اي پي پي) واٽس ايپ، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽريڪس جي مالڪ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا چيو آهي ته تازو ٽه ماهي دوران سندس ??الص منافعو 11.6 ارب ڊالر رهيو جيڪو سالياني بنيادن تي (گذريل سال جي انهي مد?? جي ڀيٽ ۾) ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي. ان جو سبب ڪمپن?? جي آمدني ۾ اضافو آهي. فرانسيسي خابرو اداري ڪمپن?? جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر مارڪ زڪربرگ طرفان گذريل ڏينهن جاري ٿيل رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ٽن مهينن دوران ميٽا جي آمدني 34 ارب ڊالر ره?? جيڪا سالياني بنيادن تي 23 سيڪ??و وڌيڪ ۽ ان جو سبب فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي آمدني جو وڌڻ آهي. هن چيو ته فيس بڪ جي ماهوار صارفين جو تعداد 2022ع جي انهي مد?? جي ڀيٽ ۾ معمولي اضافي سان 3.05 ارب رهيو، ميٽا جي فيملي ايپس جي ماهوار صارفين جو ڳاڻيٽو 3.96 رهيو جيڪو 2022ع جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪ??و وڌيڪ آهي، ان رپورٽ کي جاري ڪرڻ تي ڪمپن?? جي شيئرز جي قيمت 2 سيڪ??و وڌي 306.69 ڊالر في شيئر تي پهچي وئي.
آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا جي خالص منافعي ۾ ٽن مهينن دوران سالياني بنيادن تي ٻيڻ تي اضافو، ڳاڻيٽو 11.6 ڊالر رهيو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار