بيجنگ – 19 اپريل (اي پي پي) چين ۾ پاڪستان ??ي سفير خ??يل هاشمي گادي واري شهر هواوي ??ي نمائشي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ انهن جي منصوبن ۽ پاڪستان سان شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفير خ??يل هاشمي جي آمد تي سندس ڀرپور آجيان ڪئي وئي ۽ کيس ٻڌايو ويو ته پاڪستاني شهرين جو وڏو انگ هواوي ۾ نوڪ??ي ڪري ٿو. ان موقعي تي ڪمرشل قونصلر غلام قادر، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي قونصلر خان محمد وزير ۽ سفارتخاني جون ٻيون اختياريون پڻ موجود هيون. پاڪستاني سفير دوري کانپوءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته کيس بيجنگ ۾ هواوي نمائشي مرڪز جو دورو ڪري ۽ پاڪستان سان منصوبن ۽ شراڪتداري تي ڳالهه ٻولهه ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته هواوي ۾ نوڪ??ي ڪندڙ پرڏيهين جو سڀني کان وڏو گروپ پاڪستاني شهري آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز