بيجنگ – 30 مئي (اي پي پي) چين ج?? صدر شي جن پنگ بيجنگ ۾ چين عرب رياستن جي سه??ار جي فورم کي خطاب ۾ عرب دنيا سان پنهنجي ويجهن لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. رائٽرز جي رپورٽ مطابق چين?? صدر بحرين، مصر، گڏيل عرب امارتن ۽ تيونس جي سربراهن سان گڏو گڏ عرب ليگ جي ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي هن فلسطيني ڪاز لاءِ ڪيترائي واعدا ڪيا جن ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قو??ن جي ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي 30 لک ڊالر ج?? عطيو ۽ غزه جي نئين سر تعمير ۾ سه??ار جو واعدو پڻ شامل آهي. چين?? صدر پنهنجي ملڪ طرفان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام ۽ ان لاءِ گڏيل قو??ن جي مڪمل رڪنيت جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته غزه تي اسرائيل جي جنگ اڻڄاڻايل مدي تائين جاري نٿي رهي سگهي ۽ وچ اوڀر جي ان مسئلي جو ٻه رياستي حل اڻٽر آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ