گڏيل قومون-06 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن ما?? هڪ ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهي. يونيسيف جي رپورٽ جي مرڪزي مصنف هيريئٽ ٽورليس موجب انه?? ٻارن جو تعداد 18 ڪروڙ ٺهي ٿ?? ۽ غذائي کوٽ سبب انهن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. انه?? ٻارن کي زنده رهڻ لاءِ تمام گهٽ خو??اڪ دستياب آهي. يونيسيف موجب 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي روزاني 8 اهم گروپن ما?? پنج غذائون کائڻ گهرجن جن ۾ ماءُ جو کير، اناج، پاڙن واري ڀاڄي، ٽيوبرز ۽ پلانٽين، داليون ۽ ميوا ۽ ٻج، گوشت، پولٽري ۽ مڇي، بيضا وٽامن اي سان ڀرپور ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ ٻيا ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن. يونيسيف موجب اٽڪل هڪ سئو کان گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رهندڙ پنج سالن کان گهٽ عمر جا 440 ملي?? ٻار غذائي غربت ۾ زن??گي گذاري رهيا آهن، يعني کين روزاني مٿي ڏنل پنج فوڊ گروپن تائين پهچ ناهي. انهن ما?? 181 ملي?? ٻارن کي وڌ کان وڌ ٻن فوڊ گروپس تائين پهچ حاصل آهي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا