اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هڪ سدابهار رشتو آهي، هي هڪ منفرد دوستي آهي، اسان سٺا پاڙيسري، ويجها دوست، بااعتماد حصيدار ۽ مضبوط ڀائر ملڪ آهيون، اسان جا لا??اپا مضبوط حڪمت عملي تحت سدابهار تعاون جي حصيداري سبب اڄ استحڪام جي بلندين تي پهچي رهيا آهن. پاڪستان چين سفارتي لا??اپن جي 65 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن چيو ته بين الملڪي انهن تبديلين نه رڳو هڪ ڀيرو پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو پر ان جي ڪري ٻنهي ملڪن جي سياسي منظرنامي کي پڻ هڪ نئين جدت ملي، انهن سمورين تبديلين سبب اسان جي دوستي استحڪام جي نئين حدن تائين پهچي رهي آهي. هتي اها ڳالهه ??ڪر جوڳي آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان مضبوط رشتي مستقبل ۾ هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ڍال فراهم ڪئي آهي.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هڪ سدابهار رشتو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل