ليه – 02 مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سياست کي عبادت سمجهون ٿا، گند اڇلائيندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ليڊر بڻجڻ جو حق نه ٿا رکن، مخالفن جي ايجنڊا ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ فريب آهي، اسان جو مقصد رڳو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي آهي، صبح کان رات تائين ۽ رات کان صبح تائين عوام جي خدمت ڪندو رهندس جڏهن ته مخالف سياست مان ڀڄي و??ندا. هن اها ڳالهه ليه – تونسه پل جي پ??ڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي هڪ عظيم الشان عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم وڏ?? انگ ۾ موجود عوام جي جوش ۽ جذبي کي ساراهيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته اهو ليه اچي ڏسي و??ي، 2013ع جي چونڊن ۾ به ليه جي عوام وڏي اڪثريت سان ??سلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪيو ۽ اڄ جو جلسو به 2018ع جي ڪاميابي جي خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada