اسلام آباد – 06 فيبروري (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نقيب الله محسود جو معاملو رڳو صوبائي حڪومت جو نه آهي پر رياست جو معاملو آهي، ان معا??لي ۾ انصاف جي گهرجن کي پورو ڪيو ويندو، حڪومت پاران نقيب الله محسود جي نالي تي وزيرستان ۾ هڪ ڪاليج پڻ تعمير ڪيو ويندو. وزيراعظم سان محسود ۽ وزير قبيلي جي جرڳي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، ڪيڊ وارو ??ملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو ??يا??ي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئ?? امير مقام پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر