اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان عزم جو اظ??ار ڪيو آهي ته فاٽا سڌارن کي ??يندڙ هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ايجنسي ڊولپمينٽ فنڊ کي فوري طور تي ختم ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪا ٻي راءِ نه آهي ته فاٽا کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، سمورن پارلياماني اڳواڻن کي ??عتماد ۾ وٺي ٽائيم فريم ڏنو ويندو، بلدياتي چونڊون آڪٽوبر 2018ع کان اڳ ??رائڻ جو فيصلو ٿيو آهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ٽائيم فريم طئي ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو ٿورائتو آهيان هو م??هن??و دوست آهي، مون کي ??فسوس آهي ته سندس تقرير ٻڌڻ جي لاءِ وقت تي نه آيس جڏهن ته سندس تقرير جو باقي حصو آئون خميس ڏينهن ٻڌندس. وزيراعظم چيو ته اهو ضروري آهي ته وزير ۽ ميمبر هتي موجود هجن.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج