اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا جلوس ڪري وٺي قانون ٽوڙڻ تي سڌو جيل ويندا، رستن تي نڪري عمر??ن خان کي بليڪ ميل ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ ناڪام ٿيندا، مخالف ڌر جو مسئلو جمهوريت ناهي ڪرپشن بچائڻ آهي، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ان ??اء?? مخالف ڌر کي حڪومت ڪيرائڻ جي جلدي آهي، ڪجهه عنصر سمجهن ٿا ته انهن جي مرضي جيڪو ڪن ۽ انهن کان ڪير به پڇي نٿو سگهي، بليڪ ميل ڪرڻ جي ??اء?? فيفٽ جي حوالي سان قانونسازي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي، نواز شريف ٻاهر وڃڻ ??اء?? منٿن جو رستو اختيار ڪيو، اهي ماڻهو ڀارت جو ايجنڊا کڻي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، نواز شريف پاڪ فوج کي پنجاب پوليس ٺاهڻ چاهي ٿو، فوج تي اڱريون کڻندڙن کان پڇان ٿو ته مون کي فوج کان ڇو ڪو مسئلو نه آهي، دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج تي فخر هجڻ گهرجي، ڪو به ملڪ قانون جي بالادستي ک??نس??اءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، وڪيلن کي قائداعظم جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف لائرز فورم جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.
مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا جلوس ڪري وٺي قانون ٽوڙڻ تي سڌو جيل ويندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا