اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪر?? رهيا آهيون، سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سموريون رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون، صنعتي ترقي کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪر?? سگهي، ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا بزنس ان??يسٽمينٽ فورم جي آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ و??اق?? وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن، پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪ چائنا بزنس ان??يسٽمينٽ فورم شروع ڪرڻ بابت دستاويزن جي به مٽاسٽا ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته تقريب ۾ شرڪت تي سڀني کي ڀليڪار چوان ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڪاروباري برادري جون تجويزون گهربل آهن، ان فورم جي قيام سان حڪومت کي واپار ۽ ڪاروبار بابت مسئلن کي ڄاڻڻ ۽ حل ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته چين جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪر?? رهيا آهيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سيڙپڪاري لاءِ وقت گهڻو اهم هوندو آهي، ڪوشش آهي ته سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. روانگي واپار وڌائڻ کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ملڪي ترقي صنعتي ترقي سان جڙيل آهي. روانگي واپار کي فروغ ۽ صنعتن کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪر?? سگهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ا??فارميشن ٽيڪنالاجي جي ا??قلاب مان فائدو کڻڻو آهي. گذريل سال آءِ ٽي جي شعبي ۾ مراعتون ڏنيون ته ان??ارميشن ٽيڪنالاجي جو روانگي واپار ٻيڻو ٿي ويو. چين ٽيڪنالاجي جي ڪر?? ترقي ڪئي. چين ۽ ترڪي جهڙن ملڪن روانگي واپار جي فروغ کي ترجيح ڏني. ان سان ان??ن ملڪن ترقي ڪئي ۽ ان??ن جو زندگي جو معيار بلند ٿيو. وزيراعظم چيو ته چين سان اسان جي دوستي 70 سالن تي ٻڌل آهي، چين هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستاني معيشت ڪورونا کانپوءِ گهڻو تيزي سان بحال ٿي. اين سي ا?? سي جي ٽيم ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ڪورونا وائرس جي وبا سان اسان جي پاڙيسري ملڪن ايران ۽ ڀارت جي معيشت بري طرح متاثر ٿي. عالمي ادارا به اعتراف ڪر?? رهيا آهن ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا دوران معيشت ۽ زندگين کي محفوظ بڻايو. هن چيو ته صنعت ۽ روانگي واپار جو فروغ اسان جي ا??لين ترجيح آهي. درآمدي بل ۾ گهٽتاڻي آڻڻي آهي ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻو آهي ڇو ته مني لانڊرنگ غريب ملڪن جو مسئلو آهي ۽ ان جي ذريعي هر سال هڪ هزار ارب ڊالر غريب ملڪن کان امير ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ ڪاروباري سطح تي لاڳاپن ۽ زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. اسان زرعي شعبي ۾ پراڻا طريقا استعمال ڪر?? رهيا هئاسين، اسان کي جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شهرن جي پکڙجڻ جي ڪر?? فوڊ سيڪيورٽي، آلودگي، بجلي، پاڻي سميت ٻيا مسئلا پيدا ٿيندا آهن. اسان جا شهر تيزي سان پکِڙي رهيا آهن، گرين ايرياز ختم ٿي رهيا آهن،. اسلام آباد ۽ لاهور جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، چين جي شهري ترقي تعريف جوڳي آهي، اسان کي ا?? مان مستفيد ٿيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چين جي سفير نونگ رونگ چيو ته ان فورم جي قيام تي سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو. سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. سي پيڪ تحت توانائي، روڊ ان??راسٽرڪچر سميت ٻين منصوبن تي ڪم جاري آهي. سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ صنعت، زراعت ۽ سماجي معاشي تعاون کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپار جي ماپي ۾ اضافو ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 75 سال ٿي ويا آهن. ان فورم جي قيام سان ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڻ ۾ رابطي جو موقعو ملندو. ان کان اڳ سي پيڪ منصوبن بابت دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.
چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت