اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري ا??اڪار اسماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اسماعيل تارا جي گهروارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحيه اد??ڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو. هن پاڪستان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد?? ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي ا??اڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سندس اد??ڪاري يادگار رهندي ۽ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر