اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ترڪيه جي صدر سان ٽ??ليفون تي ڳالهائيندي چ??و ته هو قيمتي انساني ??انين جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چ??و ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چ??و ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور تعاون ڪندي. وزيراعظم چ??و ته موسمياتي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽ??ليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهبا?? شريف جا ٿورا مڃيندي چ??و ته هو وزيراعظم ۽ پاڪستاني ??وام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.
وزيراعظم پاران ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون، زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری