اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ڀارت پاران 26 جنوري 2019ع تي عالمي قان??ن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ڪيل فضائي حملن جي خلاف پاڪستان جي مناسب جواب جا اڄ چار سال مڪ??ل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب 26 ۽ 27 فيبروري 2019ع جا واقعا ڀارت جي جنگي جن??ن ۽ پاڪستان پاران زبردست تحمل ۽ ذميواري کي ظاهر ڪن ٿا، پاڪستان گرفتار ڀارتي پائليٽ کي امن جي لاءِ خيرسگالي جي اظهار طور واپس ڪري ڇڏيو هو. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي لاپرواهي طرزعمل جي نتيجن کان آگاهه رهڻ ??هر??ي ۽ اهو سمجهڻ ??هر??ي ته پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪ??ل تحفظ جي لاءِ تيار آهي. ب??ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ان سان گڏوگڏ پرامن گڏيل بقاءَ ۽ پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ پرعزم آهي. ب??ان ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو دارومدارگڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان آهي.
پاڪستان پاران پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک