لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي ورڇ دوران ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف عورتن ۽ مرد شهرين کان مفت اٽي جي فراهمي ۾ مشڪلاتن بابت پڇيو. وزيراع??م اٽي جي معيار ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ مشڪلاتن بابت پڻ شهرين جي ر??ءِ معلوم ڪئي. وزيراعظم شهرين جي ر??ءِ جي روشني ۾ عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهرين جي ل??ءِ انتظارگاهه جو پڻ دورو ڪيو، انتظام ڏٺا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، بزرگ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي ل??ءِ پڻ بهترين انتظام يقيني بڻايا وڃن. وزيراعظم چيو ته ان خير جي ڪم کي سرڪاري ڊيوٽي نه خدائي ڊيوٽي سمجهي سرانجام ڏيو، رمضان المبارڪ ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪريو. وزيراعظم مفت اٽي سينٽر ۾ آيل ٻارن سان پڻ مليو، ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم شهرين ۾ مفت اٽي جا ٿيلها پڻ ورهايا. وزيراعظم فوڊ سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنرز کي بهتر انتظامن تي شاباس ڏني ۽ وزيراع??م انتظاميا ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم پاران لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ