اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف مارگلا ايونيو منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، 10.4 ڪلوميٽر رستو جي ٽي روڊ ک??ن اسلام آباد ايندڙن کي هڪ متبادل رستو فراهم ڪندو، اهو رستو سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين هوندو، ان منصوبي تي 2 ارب 69 ڪروڙ 91 لک رپيا لاڳت آئي آهي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ان منصوبي جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل خان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزير??عظ?? کي ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي جي شروعات جون 2021ع ۾ ڪئي وئي. ڊسمبر 2022ع ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، ان منصوبي ۾ شاهه الله ڏتا جي جڳهه تي هڪ انڊر پاس شامل ڪيو ويو ??نه?? جي ڪري ان جي لاڳت ۽ پڄاڻي جي مدي ۾ ت??دي??ي آئي، ان رستي سان جي ٽي روڊ سنگجاڻي کان سيڪٽر ڊي 12 تائين جو سفر گهٽ ٿي ڪجهه منٽ جو رهجي ويو، ان جي ڪري سرينگر هاءِ وي تي ٽريفڪ جو وهڪرو گهٽ ٿيو، مقامي ليبر ۽ تعميراتي مواد بابت انڊسٽري کي فروغ مليو، ان رستي سان ا?? علائقي جا ماڻهو به فائدو کڻندا، ان رستي جي ڀرپاسي سي ڊي اي پاران وڻڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزير??عظ?? کي ان منصوبي جو ماڊل پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم پاران مارگلا ايونيو منصوبي جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن