اس??ام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي شڪايت رد ڪري ڇڏي. شڪايت ڪندڙ عورت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، جوابدار جي خلاف ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جا نه الزام ثابت ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ڪيس جي ڪارروائي ۾ پيش ٿي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جي عمل جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل جي خلاف عورت آفيسر ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي ه??ي، ڪم ڪاري واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب انڪوائري ۽ رپورٽ جي لاءِ معاملو قومي اسيمبلي جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. شڪايت ڪندڙ معاملو اندروني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي خلاف اپيل داخل ڪئي جنهن صدر سال 2020ع ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. صدر ڪميٽي کي الزامن جي منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي انڪوائري يقيني بڻائڻ جو چيو هو. صدر جي فيصلي جي خلاف عورت اس??ام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ در??واست داخل ڪ??ي، ان کي به رد ڪيو وي??. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي انڪوائري ڪئي ۽ رپورٽ محتسب کي پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو وي?? ته شڪايت ڪندڙ عورت جوابدار جي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو وي?? ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي سان وقت جي پابند نه آهي. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب عورت آفيسر جي شڪايت رد ڪري ڇڏي. عورت فيصلي جي خلاف صدر کي در??واست داخل ڪ??ي، صدر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. 2014ع ۾ ٿيندڙ مبينا هراسمينٽ جي شڪايت محتسب کي 2019ع ۾ جمع ڪرائي وئي. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ بار بار نوٽيس جي باوجود محتسب آڏو پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪم جي جڳهه تي عورتن جي هراسمينٽ جي خاتمي جو ايڪٽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ عورتن جي بنيادي حقن جي لاءِ لاڳو ڪيو وي?? آهي. صدر قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، محتسب صحيح فيصلو ڏنو آهي ان لاءِ عورت جي در??واست رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي شڪايت رد
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت