گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي)صحت واري عالمي اداري چيو ??هي ته سڄي دنيا ۾ دستن ۽ الٽين جي بي??ار?? سبب فوتگين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو ??هي. ڊبليو ??يڇ او طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال ان بي??ار?? سبب 4000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا جيڪي 2022 ع جي ڀيٽ ۾ 71 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ ان بي??ار?? جي رپورٽ ٿيل ڪيسن جي انگ ۾ پڻ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو ??هي. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته جنگين، ماحولياتي تبديلين، محفوظ ۽ صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي خراب سهولتن، غربت، محرومي ۽ قدرتي آفتن سبب آبادي جي لڏ پلاڻ گذريل سال ان بي??ار?? سبب فوتگين جي انگ ۾ اضافي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. رپورٽ مطابق وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ ڪالرا بي??ار?? جي ڪيسن ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ۽ آفريقا ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال ڪيترن ئي ملڪن ڪالرا وبا سبب ڪميونٽي فوتگين جو اطلاع ڏنو. جتي ماڻهن کي صحت جي سهولتن تائين مڪمل پهچ حاصل نه هئي. سڀ کان وڌيڪ 222،249 ڪيس افغانستان ۾ رپورٽ ٿيا. ان کان سواءِ ڪانگو، ملاوي، موزمبيق ۽ هيٽي ۾ پڻ 30، 30 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. ماهرن مطابق جيتوڻيڪ ويڪسينيشن ڪالرا جي وبا کي روڪڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي پر پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت جا اصول ان کي ختم ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ بي??ار??ن کي روڪڻ لاءِ واحد ڊگهي مدي وارو ۽ پائيدار حل آهي. واضح رهي ته ڪالرا جي وبا آنڊن جو شديد انفيڪشن آهي جيڪو خراب خوراڪ ۽ خراب پاڻي سبب ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ اهو آساني سان علا?? جوڳو آهي پر صفائي تائين محدود پهچ واريون آباديون ان کان وڌيڪ متاثر ٿينديون آهن.
سڄي دنيا ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري سبب فوتگين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات