ڪراچي – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ ۾ توانائي جو منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ عر?? پائيپ لائين ڪمپني لميٽيڊ وائٽ آئل موٽر گيسولين پائيپ لائين پراجيڪٽ نه رڳو تزويراتي ا??ميت رکندڙ آهي پر پاڪستان جي توانائي جي سلامتي ۾ به ان جو وڏو عمل دخل هوندو، منصوبي سان صارفين کي تمام گهٽ وقت ۾ پيٽروليم مصنوعات جي محفوظ دستيابي ممڪن ٿيندي، منصوبي سان ٽرانسپورٽرن کي ڪنهن قسم جي فڪر جي ضرورت ناهي، ٽرانسپورٽرز اڄ ۽ ايندڙ وقت ۾ به توانائي جي پهچ ۾ ريڙه?? جي هڏي جي حيثيت رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پورٽ قاسم تي پاڪ– عر?? پائيپ لائين ڪمپني لميٽيڊ وائٽ آئل موٽر گيسولين پائيپ لائين پراجيڪٽ منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات