سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هائوسنگ جي شعبي ۾ سرڪاري سطح تي ايترو وڏو منصوبو شروع ڪيو آهي، تعميرات جي شع??ي سان 30 صنعتون واڳيل آهن، انهن منصوبن سان نوجوانن کي روزگار جا موقعا مل??دا، صنعت کي فروغ مل??دو، ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، گهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن اڳ ۾ ئي رجسٽريشن ڪر??ئڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هو سرگوڌا ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت 1 هزار 175 گهرن جي تعمير جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري ر??يو هو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان وڏي وزير عثمان بوزدار، سندس ٽيم، چيف سيڪريٽري ۽ هائوسنگ کاتي کي ان منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڏو وزير سمورن کاتن جو چيف ايگزيڪيوٽو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري وڏي پئماني تي گهرن جي تعمير جو سرڪاري سطح تي منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي ۽ عام ماڻهو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به سوچي به نه سگهندو هو ته ان جو پنهنجو گهر هجي ان جي پنهنجي ذاتي گهر جو خواب پورو ٿي ر??يو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بئنڪن مان پئسي وارن ماڻهن کي قرض مل?? ويندو هو پر پگهاردار ۽ پورهيت جي لاءِ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون هيون، اسان ان سلسلي ۾ مشڪلاتون ??تم ڪيون. فور ڪلوزر قانون ??دالتن مان ٻن سالن ۾ منظور ڪر??يو ان تي عدالتن جا به ٿورائتا آهيون. هن چيو ته عام ماڻهو کي بئنڪ مان مورگيج جي لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون ??رپيش آهن، بئنڪن جا سربراهه ان سهولت جي لاءِ پنهنجي عملي جي خصوصي تربيت ڪن ته جيئن اها سهولت آساني سان دستياب هجي. هن چيو ته اسان هن منصوبي ۾ خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو هدف رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته ننڍن شهرن سان گڏ نيم شهر ۽ ڳوٺن ۾ به اهي گهر ٺاهيا پيا وڃن، ماضي ۾ محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ شهرن کان پري ڳوٺن ۾ گهرن جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو جڏهن ته اهو ڪامياب نه ٿي سگهيو. اسان جيڪي گهر ٺاهي رهيا آهيون ??نهن جي رجسٽريشن جو ڪم اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهو هتي رهائش اختيار ڪرڻ چاهين ٿا، انهن گهرن جي لاءِ قسط به برداشت جوڳي هوندي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هائوسنگ جي شعبي ۾ سرڪاري سطح تي ايترو وڏو منصوبو شروع ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا