قاهره- 29 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۽ مصر هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ??ل طور تي غزه پٽي ۾ جاري ويڙهه روڪڻ ، فوري جنگ بندي ۽ متاثر ماڻهن تائين امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي. العربيه مطابق سعودي عرب جي پرڏيه?? وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي ته مملڪت غزه پٽي ۾ ويڙهه روڪڻ ، فوري جنگ بندي ۽ متاثر ماڻهن تائين امداد جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏئي ٿي. هن قاهره ۾ پنهنجي مصر جي هم منصب سامح شڪري سان پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته مملڪت علائقائي مسئلن تي مصر سان گڏ??ل سهڪار جي خواهشمند آهي. هن عالمي برادري طرفان فلسطينين کي ملندڙ اجتماعي سزا روڪرائڻ لاءِ گڏ??ل طور تي فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل طرفان فلسطينين کي ملندڙ اجتماعي سزا ڏيڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. اسرائيل فلسطينين جي حوالي سان عالمي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيه?? وزير غزه ۾ فوري ۽ جامع جنگبندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو.
سعودي عرب ۽ مصر طرفان غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ امداد جي فراهمي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ