گڏيل قومون-06 مارچ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم فلسطين پناهگيرن جي مدد ڪندڙ گڏيل قومن جي ??يجنسي (يو اي?? آر ڊبليو اي) جو ڀرپور دفاع ڪندي چيو آهي ته اس??ائيل طرفان ان کي ختم ڪرڻ جي مهم باوجود ڪو ٻيو ادارو ان اهم ايجنسي جي ??اءِ نٿو وٺي سگهي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مستقل نمائندي منير اڪرم نيويارڪ ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي ??يثيت سان گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي کي خطاب دوران چيو ته اس??ن گذريل 75 سالن ۾ فلسطين پناهگيرن لاءِ اهم لائيف لائن طور يو اي?? آر ڊبليو اي جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. 193 ميمبرن تي ٻڌل جنرل اسيمبلي جو اجلاس وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ??ليف اينڊ ورڪس ايجنسي بابت بريفنگ لاءِ منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اس??ائيل، آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين اولهندي ملڪن طرفان ان الزام ته ان اداري جي ??ملي جي 12 ميمبرن 7 آڪٽوبر جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي گڏيل قومن جي ??داري يو اي?? آر ڊبليو اي کي فنڊن جي فراهمي معطل ڪرڻ جي ??مريڪا ۽ ٻين ملڪن جي فيصلي تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان قسم جي قدمن تي فوري طور تي نظرثاني ڪرڻ ۽ فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. منير اڪرم يو اي?? آر ڊبليو اي جي ڪمشنر جنرل فلپ لازا ريني جي گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ تي تعريف ڪئي. جڏهن ته هن غزه جي پريشان آبادي کي خدمتون ۽ رليف فراهم ڪرڻ ۾ يو اي?? آر ڊبليو اي جي ??هم ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. پاڪستان جي نمائنده غزه ۾ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل فلسطينين تي اس??ائيلي حملي جي مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي ??ورتحال تي روشني وڌي ۽ هنگامي طور تي انساني امداد جو مطالبو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ پاران يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ بحال ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز