رياض -30 اپريل (اي پي پي) سعودي ??رڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي، ته هن وقت جنگ بندي ۽ غزه جي شهرين جي ڏکيائين جو حل فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي: ايس پي اي مطابق هن عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته غزه ۾ فوري ۽ مستقل جنگ بندي به انتهائي ضروري آهي. سعودي ??رڏ??هي وزير فلسطيني عوام جي حقن ۽ خوداراديت واري حق جي حوالي سان ??ندن خواهشن کي نظر ۾ ??کن??ي چيو ته اهو حاصل ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ته ڊگهي عرصي کان ??اري جدوجهد جو خاتمو ٿيندو ۽ امن ۽ سلامتي ذريعي سهڪار ۽ ترقي جا گهڻا موقعا ميسر ٿيندا. هن چيو ته سعودي عرب ۽ آمريڪا ٻه طرفي معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي مرحلي ويجهو پهچي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته فلسطيني رياست جي قيام تائين پهچڻ لاءِ هڪ رستو گهربل آهي. مڪمل جنگ بندي کان پوءِ ٻئي مرحلي جي شروعات ٿيندي.
غزه ۾ مڪمل جنگبندي کان پوءِ ٻئي مرحلي جي شروعات ٿيندي: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر