گڏيل قومون-12 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو چ??و آهي ته مرڪزي غزه ۾ سندس نگراني ۾ هلندڙ اسڪول?? مان هڪ تي اسرائيلي فضائي حملن ۾ هن جا 6 ملازم شهيد ڪيا ويا آهن. پرڏيهي خابرو ??داري اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جو انگ 18 آهي. ان اسڪول کي اسرائيل پنجون ڀيرو ??ملن جو نشانو بڻا??و آهي. پرڏيهي خابرو ??داري جي رپورٽ موجب يو اين آر ڊبليو اي طر??ان جاري بيان ۾ چيو و??و آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪنهن هڪ واقعي ۾ اسان جي عملي جون سڀ کان وڌيڪ فوتگيون آهن. اسرائيل جي فوج جو چوڻ آهي ته هن ڄاڻايل اسڪول اندر حملن جي منصوبابندي ڪندڙ دهشتگردن تي نشانو بڻايو. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ صحافين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن انهن سمورن اسرائيلي فضائي حملن جي مذمت ڪئي آهي جن ۾ عام شهرين کي نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ جيڪي گڏيل قومن جي ٺڪاڻن کي به نشانو بڻائين ٿا.
اسرائيل جا غزه ۾ اسڪول تي فضائي حملا، گڏيل قومن جي 6 اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب