بيروت-25 آڪٽوبر(اي پي پي) لبن??ن جي وزيراعظم نجيب ميقاتي چيو آهي ته لبن??ن جي آئين ۽ قانون موجب هٿيار رکڻ جو اختيار صرف فوج کي هجڻ گهرجي. م??ڊي?? رپورٽن موجب لبن??ن جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لبنان ۾ جنگ بندي لاءِ تمام گهڻو عالمي دٻاءُ موجود آهي.هن لبن??ن جي حمايت لاءِ منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو جنگ بندي جو فيصلو اسرائيل جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ کان ا ڳ انهن جو تحفظ ضروري آهي. ان لاءِ پهرين جنگ بندي ۽ بعد ۾ 1701 ٺهراءَ تي عم??درآمد کي ترجيح ڏني ويندي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته آئين موجب لبنان ۾ هٿيار رکڻ فوج تائين محدود هجڻ گهرجن. نجيب ميقاتي جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ گولا باري ۽ بمباري جو سلسلو جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت