اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪر?? جي لاءِ جاري جدوجهد جي سفارتي ۽ اخلاقي سطح تي حمايت جاري رکندو، پاڪستان بيگناهه ڪشميرين جي خلاف ڀارتي سيڪيو??ٽي فورسز تي تشدد جي ڪاررواين جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. هن اها ڳالهه آزاد ڪشمير جي نئين چونڊيل صدر مسعود خان سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر ممنون حسين مسعود خان کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر جي حيثيت سان ذميواريون سنڀالڻ تي مبا??ڪب??د ڏني. صدر آزاد ڪشمير ۾ تازيون ڪامياب چونڊون م??عقد ڪرڻ ۽ چونڊيل حڪومت کي پرامن اقتدار جي منتقلي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ