اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي، ملڪ ۾ ده??تگردن جا ڪنهن به قسم جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا نه آهن، ده??تگردي خلاف دنيا جي سڀ کا وڏي جنگ وڙ??ي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته بحران، مشڪلاتون ۽ چئلينجز ايندا رهندا آهن، حڪومت جو ڪم انهن جو مقابلو ڪرڻ آهي ۽ اهو اسان ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن جون جيڪي به قراردادون آهن اسان انهن جي مڪم?? تعميل ڪريون ٿا، حڪومت سمورن مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي خطرا نه آهن پر مسئلا آهن جن جو اظهار مختلف فورمن تي ڪجهه ملڪن ڪيو آهي جنهن جو پاڪستان وڏو واضح جواب به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو ان حوالي سان جواب وڏو واضح آهي ته پاڪستان ۾ ده??تگردن جا ڪنهن به قسم ??ا ڳجها ٺڪاڻا نه آهن ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن قسم جي ده??تگردي جي حمايت ڪري ٿو پر پاڪستان ته هن وقت ده??تگردي جي خلاف دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ وڙ??ي رهيو آهي.
پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ