واشنگٽن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن اتحادين کي يقين ڏياريندي چيو آهي، ته يوڪرين لاءِ ??مريڪا جي مدد جا??ي رهندي، وائيٽ هائوس ۾ رمارڪس ڏيندي جوبائيڊن ڪانگريس تي زور ڀريو آهي، ته ج??د کان جلد امدادي پئڪيج تي ڳالهايو ويندو، اسان وٽ وڌيڪ وقت ناهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ ??مريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته ڊيمو ڪريٽس ۽ ري پبلڪن جي اڪثريت يوڪرين جي مدد ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي. واضح رهي ته يورپي يونين ي پاليسي چيف جوزف بوريل يوڪرين جي دوري دوران چيو هو ته يوڪرين جي مدد لاءِ هڪ نئين تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته يوڪرين لاءِ ??مريڪي حمايت جا??ي رهندي. گذريل هفتي ڪيپيٽل هل ۾ آمريڪي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاق??ت ڪئي. صدر زيلنسڪي ملاقات دوران چيو ته يوڪرين جنگ کٽي رهيو آهي جڏهن ته اض??في امداد تمام ضروري آهي. ملاقات بعد سينٽر چڪ شومر يوڪرين جي صدر جي حوالي سان چيو هو ته جيڪڏهن کين امداد نه ملي ته هو جنگ هارجي ويندا.
ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : sorteios quina