مڪو پاڪ -25 مارچ (اي پي پي)مسجد الحرام ۾ رمضان المبارڪ دوران زائرين ۽ عمرو ڪندڙن لاءِ افطار دسترخوانن جو اهتمام صديون پراڻي روايت ??هي?? جيڪا اڄ به جاري آهي. روزانو 2400 دسترخوانن جو اهتمام ڪيو ويندو ??هي?? جن تي هزارين ماڻهو افطار ڪندا آهن. اخبار 24 سان ڳالهائيندي افطار دسترخوانن جي انتظاميه جي ميمبر عزام اللحياني ٻڌايو ته مسجد الحرام ۾ روزانو 2400 دسترخوانن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي جن ۾ هزارين ماڻهو افطار ڪندا آهن. هن چيو ته هڪ دسترخوان 16 ميٽر ڊگهو هوندو آهي جنهن تي 32 افطار باڪسز رکيا ويندا آهن جن ۾ کجور، ڪيڪ ۽ پائي موجود هوندو آهي. افطار جي فر??همي لاءِ خيرا??ي ادارن ۽ شخصيتن طرفان الحرمين الشريفين اٿارٽي جي ويب سائيٽ ??ي اي رجسٽريشن جي شروعات رمضان کان اڳ ڪئي ويندي آهي.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش