واشنگٽن -04 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي نئين مقرر سف??ر رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفون تي ڳالهه ??ولهه ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي پاڪستاني سف??ر کي آمريڪا ۾ ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. پاڪستاني سف??ر ٻنهي ملڪن ۽ خطي لاءِ پاڪ – امريڪا لاڳاپن جي اهميت ت?? زور ڀريو. پاڪستاني سف??ر ٻه طرفي شراڪتداري تي ڳالهائيندي چيو ته اسان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ??ڻائڻ لاءِ خيرسگالي ۽ دوستي جي ان جذبي کي مڪمل طور تي استعمال ڪ??ڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن يوم آزادي جي موقعي تي ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي جي خيرسگالي ۽ سندس مقرري واري پيغام تي شڪريو ادا ڪيو. ڪانگريس ميمبر ٽام سوزي ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط ??ڻائڻ ۽ ملڪ لاءِ سندس خدمتن تي پاڪستاني برادري جي تعريف ڪئي. ڳالهين دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي مضبوط ??ڻائڻ، عوامي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستاني ڪاڪس کي متحرڪ ۽ مضبوط ??ڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ جون ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي ميمبر ٽام سوزي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II