ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??اهد خاقان عباسي افغانستان جي صدر اشرف غني جي دعوت تي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه سان گڏ ڪابل جو دورو ڪيو، افغان صدر ۽ وزيراعظم ??اهد خاقان عباسي جي وچ ۾ نويڪلائي ?? ملاقات کانپوءِ افغان صدارتي محل ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، هن افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت، دهشتگردي جي خاتمي، افغان پناهگيرن جي واپسي، ٻه طرفي واپار ۽ علائقائي رابطن سميت پاڪ افغان لاڳ??پن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان براءِ امن ۽ يڪجهت?? گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي وسيع بنياد ۽ منظم ??ابطي جو مفيد فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. هن امن ۽ يڪجهتي لاءِ پاڪ افغان ايڪشن پلان تحت ??نج ورڪنگ گروپس کي فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم ??اهد خاقان عباسي افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت جي افغان صدر اشرف غني جي ويزن ۽ طالبان کي امن ڳالهين جي سندس آڇ جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي صدر جي دعوت تي ڪابل جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش