اسلام آباد ??? 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کان لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروباري طبقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن، پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن سميت هيٺئين درجي جي طبقي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام ايس او پيز جي سختي سان پاڻمرادو پابندي ڪري، پ??لي?? ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي، پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ تي صوبن جا خدشا آهن، انهن ک??نسواءِ فيصلا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، صوبن سان مشاورت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 26 فيبروري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس هئا ته حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ۽ تڏهن ک??ن اڄ تائين حڪومت مختلف قسم جي ميڙن ۽ عوامي ميڙ وا??ين جاين کي بند ڪيو آهي. هن چيو ته اهو وا??رس تيزي سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کان ٻئي ماڻهو کي منتقل ٿئي ٿو، ان لاءِ ان جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جو ذريعو سماجي فاصلو ئي آهي.
وزيراعظم پاران ڇنڇر کان لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ