اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته انسانيت جي خدمت اسان جومذهبي ۽ قومي فرض آهي ۽ الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن چيو ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ جو نالو سدائين زندهه رهي ٿو. هن چيو ته ٻين جي ڏک درد کي پنهنجو ڏک درد سمجهڻ ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽا??يگر فورس قائم ڪرڻ جي مناسبت سان ملڪي سطح تي ملهائجندڙ خاص ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو ويندو. اسپيڪر اسد قيصر ڪورونا وبا دوران ٽا??يگر فورس جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪورونا وائرس وبا دوران ٽا??يگر فورس رضاڪار ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ٽا??يگر فورس جي مدد سان ملڪ ??ي هنگامي صورتحال ۾ پيش ايندڙ بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان سڀ پنهنجي اندر انسانيت جي مدد ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪري وٺون ته اسان هن ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.
انسانيت جي خدمت اسان جو مذهبي ۽ قومي فرض آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر