اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي، ان شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، آءِ ٽي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اظهار ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو و??ير سيد امين الحق، اطلاعات وارو و??ير سينيٽر ??بلي فراز، صنعت وارو و??ير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر ??بدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر ??شرت حسين، عبدالرزاق دائود، ??اص مددگار ڊاڪٽر ??هباز گل، وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ??ان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا.
ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria