اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قو??ن جيڪو واعدو ڪيو ??هو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستا?? جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، اسان کي ڪشمير مسئلي تي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجي سياسي مقصد?? جي لاءِ ڪشمير مسئلي تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، جيستائين گڏيل قو??ن جي قراردادن موجب ??هو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ ب??ٺل رهندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اختلاف?? جي باوجود ڪشمير مسئلي تي اسا?? جي يڪسوئي آهي، اسان جو موقف هڪ آهي، اسا?? جي منزل هڪ آهي، ان جو عملي ثبوت اهي گڏيل قراردادون آه?? جيڪي اسا?? جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.
ڪشميري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha