اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عملي تربيت ۽ هنرمند افرادي قوت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي افرادي قوت ۾ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وقت سر قدمن سان انهن جي صلاحيتن کي نکاري عالمي سطح تي پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ جا موقعا ڏن?? وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنرمندي جي تعليم جي حوالي سان بين الصوبائي تعاون بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري ??فاقي وزير شفقت محمود، صوبائي وزيرن راجا ياسر همايون، ڪامران بنگش، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون سرد??ر تنوير الياس، نيشنل انفارميشن ??يڪ??الاجي بورڊ جي سي اي او شباهت علي شاهه، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسين، ٽيوٽا جي چيئرمين علي سلمان صديقي، اسپيشل ??يڪ??الاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سجاد برقي، عاطف خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان جي هنرمند ماڻهن کي عالمي معيار موجب تربيت ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني افرادي قوت کي عالمي سطح تي جيڪي چئيلنجز درپيش آهن ان جي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي ادارن جي تعاون سان هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي ويندي، ماضي ۾ ان شعبي کي نظرانداز ڪرڻ نوجوان نسل کي هنرمند افرادي قوت ۾ تبديل ڪرڻ بدران بيروزگاري ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ کوٽ جو سبب بڻيو.
پاڪستان جي افرادي قوت ۾ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر