حيدرآباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آزا??ي ڏهاڙو اڄ 14 آگسٽ تي ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويندو، ملڪ جي ٻي?? ش??رن وانگر حيدرآباد ۾ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهر ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جهنڊن جي بهار آهي جڏهن ته نوجوان ۽ ٻارن جو جوش ڏسڻ جهڙو آ??ي، ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ پرچم ڪشائي جي مرڪزي تقريب ??بح 7 لڳي 45 منٽن تي ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊ??ٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو سميت صوبائي ۽ وفاقي ادارن جا اعليٰ آفيسر، ملازم ۽ شهري به شرڪت ڪندا، جشن آزادي جي سلسلي ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ اڳ کان ئي تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويو آ??ي.
پاڪستان جي 75 هين آزادي ڏهاڙي تي ملڪ جي ٻين شهرن وانگر حيدرآباد ۾ به تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن