اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مال?? ادارن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري ام??اد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي حصيدارين سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ و??لڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي ماليات?? ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز، چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن، گڏيل قومن جي مختلف ذيل?? ادارن ۽ صحت جي عالم?? اداري جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي حصيدارن کي سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين وزيراعظم کي و??لڊ بئنڪ پاران 350 ملين ڊالر جي فوري ام??اد بابت آگاهه ڪيو. هن خصوصي طور تي وزيراعظم جي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام کي ساراهيو. و??لڊ بئنڪ اها ام??اد هلندڙ هفتي جي آخر تائين مڪمل طور تي فراهم ڪندي. ان کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ نقصانن جي ڪاٿي کانپوءِ ٺوس منصوبابندي سان پاڪستان سان و??لڊ بئنڪ پاران تعاون ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي ذيل?? اداري و??لڊ فوڊ پروگرام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 110 ملين ڊالر جي ام??اد جو اعلان ڪيو جڏهن ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 20 ملين ڊالر ۽ يو ڪي ايڊ 1.5 ملين پائونڊ جي فوري ام??اد جو اعلان ڪيو. ان کانسواءِ يو ڪي ايڊ پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي لاءِ 38 ملين پائونڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. عالمي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثرين جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان ام??اد جي لاءِ عالم?? ادارن پاران هن ئي هفتي ام??اد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته عالم?? ادارن ۽ تنظيمن جي مشڪل ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مدد جي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ پنهنجي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل معاشي صورتحال ۾ هجڻ جي باوجود فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي، ريسڪيو کانپوءِ حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڪم ڪندي.
وزيراعظم جي اپيل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري امداد جو اعلان
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں