اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائي?? جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جا ايئر بيسز مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن، ترجمان موجب انهن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پور، ٿل، راجن پور، رسالپور، ح??ات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد آباد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، علي پور، دوداپور، س??ر، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه عبدالله ۽ نوشهره ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائي?? جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 م??يض?? جو طبي معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه انهن ضرورتمند خاندانن تائين پهچي رهي آهي جنهن جا گهر ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن، انساني همدردي تحت 4794 خشڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا دٻا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايون ويون.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج