اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهي غيرآئيني ط??ر تي اليڪشن جي تاريخ وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، صدر عارف علوي ??ي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، عمران خان جي ٽائيگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صدر عارف علوي ??ئين شڪني ڪئي ته آرٽيڪل 6 کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته صدر عارف علوي ??ي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. هن چيو ته عارف علوي قومي اسيمبلي تحليل ڪري اڳ ۾ ئي بظاهر آئين شڪني ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي تشريح موجب صدر جو عهدو علامتي آهي، سپريم ڪورٽ موجب ڪنهن هڪ سياسي پارٽي سان ڳٺ جوڙ صدر جي منصب ۽ حلف جي خلاف ورزي آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن