اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين جي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پا??پورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ بچت جي لاءِ نادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن آف پا??پورٽ آفيس ۽ وسيلا شيئر ڪن ته جيئن قومي خزاني تي گهٽ بار پوي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ شهرين جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پا??پورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، نادرا چيئرمين، ڊائريڪٽر جنرل اميگريشن اينڊ پا??پورٽ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهرين جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پا??پورٽ حاصل ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. نادرا جي مرڪز ۾ پا??پورٽ آفيس جا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن ۽ ڪفايت شعاري ۽ بچت کي نظر ۾ رکندي نادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن ۽ پا??پورٽ آفيس جي جڳهه ۽ وسيلا شيئر ڪن ته جيئن قومي ناڻي تي گهٽ بار پوي. وزيراعظم شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ جي سروس، انهن جي درن تي مهيا ڪرڻ جي لاءِ موبائيل نادرا وينز جو انگ فوري طور تي وڌائڻ جو حڪم به ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڏ??ندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شهرين کي گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد جي سهولت لاءِ نادرا پا??ان نئين موبائيل فون ايپليڪيشن شروع ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ شرڪ?? ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پا??پورٽ حاصل ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي. هن هدايت ڪئي ته عام شهرين کي انهن جي گهرن جي درن تي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پا??پورٽ جي فراهمي جي حوالي سان قدمن ۾ وڌيڪ بهتري آندي وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته هر شهري کي ان حوالي سان هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هونديون. وزيراعظم حڪم ڏنو ته پا??پورٽ آفيسون قائم ڪرڻ جا جيترا به منصوبا منظور ٿي چڪا آهن اهي نادرا کان اڳ ۾ موجود آفيسن ۾ قائم ٿين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??حا??ين جي سهولت لاءِ نادرا هڪ نئين موبائيل فون ايپليڪيشن شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جي ذريعي گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد ٿي سگهندي.
ڪفايت شعاري ۽ بچت جي لاءِ نادرا ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن آف پاسپورٽ آفيس ۽ وسيلا شيئر ڪن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل